حسن شاهه جيلاني

حسن شاهه جيلاني: سنڌ جي هن نامور بزرگ ۽ عالم جو جنم پنجاب جي ڳوٺ شير ڳڙهه ۾ ٿيو. ابتدائي مذهبي تعليم پنجاب جي مختلف ديني مدرسن ۽ درسگاهن مان حاصل ڪيائين. روحاني علم حاصل ڪرڻ لاءِ به پنجاب جي مشهور ۽ معروف خانقاهن تي ويو، پر روحاني سڪون حاصل نه ٿيڻ سبب پنجاب مان نراس ۽ نا اميد ٿي سنڌ جو رخ ڪيائين. سنڌ جي مختلف خانقاهن تان ٿيندو اٻاوڙي تعلقي جي مشهور ديني مدرسي راڄڻ پور ويجھو مائي سوائي جي گهر وٽان لنگھيو، جتي سنڌ جي ولين بابت پڇا ڪرڻ تي حضرت پير محمد راشدرحه جو ڏس مليو، جيڪو ان وقت سموري سنڌ ۾ مشهور هو. ڪن روايتن موجب اها به ڄاڻ ملي ٿي ته جڏهن سيد محمد حسن شاهه جيلاني مرشد جي ڳولا ۾ ڏهرڪيءَ جي ويجھو پهتو ته هڪ عالمِ دين مولوي آفتاب احمد کيس حضرت سيد محمد راشدرحه جي صحبت ۾ حاضر ٿيڻ جو مشورو ڏنو. جنهن تي پاڻ ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي پهچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ڪجهه وقت مديني ۾ قيام ڪرڻ کانپوءِ واپس سنڌ اچي حضرت پير محمد راشد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جنهن جي صحبت ۾ رهي ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ تمام ذڪر اذڪار ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائين. ڪجهه عرصو، پنهنجي مرشد جي صحبت ۾ گذارڻ کانپوءِ حضرت پير جي حڪم سان سُئي شريف ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سندس آمد کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ سوئي ۾ سندس مريدن جو تعداد وڌي ويو. ڏوراهين علائقن مان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو سندس علم مان فيضياب ٿيڻ لاءِ ايندا رهيا. هيءُ به سندس صحبت مان فيضياب ٿيو. هيءُ پير سيد محمد راشد جي اهم خليفن مان هو. هن تاريخ 26 ذوالحج 1254هه/12 مارچ 1839ع تي وفات ڪئي. سندس مزار سوئي شريف ڳوٺ ۾ آهي.


لفظ حسن شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1839.03.12  عيسوي

حسن شاهه جيلاني تاريخ 26 ذوالحج 1254هه/12 مارچ 1839ع تي وفات ڪئي. سندس مزار سوئي شريف ڳوٺ ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو سعيد قاضي
عبدالله قاضي
شيخ فتح محمد
عبدالڪريم ميمڻ مجروح مولوي
حافظ محمد صديق رح
مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي
ابن هشام
احمد رضا بريلوي
عـبـدالواحد علامه
عبدالقادر چاچڙ ڊاڪٽر
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون